در محمد سڪندري

در محمد سڪندري: علامه مفتي در محمد سڪندري پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ مفتي هو. نهايت سادو، درويش صفت ۽ باعمل انسان هو. مفتي صاحب 1939ع ڌاري اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ وروائيءَ ۾ محمد ابراهيم لنجي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1951ع ۾ کيس مدرسه بحر العلوم ڪنريءَ ۾ داخل ڪيو ويو. اتي متوسط درجي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1957ع ۾ سنڌ جي مشهور ديني درگاهه پير جو ڳوٺ (خيرپور) ۾ داخل ٿيو. اتي درس نظاميءَ جي مروج تعليم حاصل ڪيائين. گڏوگڏ مولوي عربي، عالم عربي ۽ فاضل عربيءَ جا امتحان حيدرآباد بورڊ طرفان پاس ڪيائين. مفتي صاحب فتويٰ نويسيءَ جو ڪورس به مڪمل ڪيو. 1962ع ۾ جامعه راشديه مان فارغ التحصيل ٿي ’سَند الفراغ‘ حاصل ڪيائين. فراغت کان پوءِ ڪجهه وقت سڪرنڊ ۽ مٽياريءَ ۾ امامت ۽ خطابت ڪيائين. ان کان پوءِ جامعه راشديه درگاهه پير ڳوٺ جي مهتمم مفتي محمد صالح مهر جي حڪم سان 16 اپريل 1962ع تي مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ جو استاد مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هن مدرسي جي مهتمم طور ديني ۽ علمي خدمتون سرنجام ڏنائين، جتان ڪيترائي عالم، حافظ ۽ قاري تيار ٿي نڪتا. ان دوران مفتي صاحب تصنيف، تاليف، ترجمن ۽ فتوائن جو سلسلو به جاري رکيو. هو هڪ بهترين شاعر به هو. سندن ڪلام جو گهڻو حصو غزلن تي مشتمل آهي. سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ اردوءَ ۾ به شاعري ڪيائين.
مفتي در محمد سڪندري، پنج سال ضلعي سانگهڙ ۾ زڪواة ۽ عشر ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو ۽ نهايت ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان حقدارن جي حق رسي ڪيائين. 1986ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي حج ڪوٽا ۾ حج جي سعادت به حاصل ڪيائين.
مفتي در محمد 12 محرم الحرام 1422 هه مطابق 7 اپريل 2001ع تي وفات ڪئي. سندس فتوائن ۽ ٻين تصنيفن جي ترتيب ۽ ڇپائيءَ جو ڪم سندس لائق شاگرد حافظ مفتي عبدالرزاق مهراڻ سڪندري جاري رکيو آهي.


لفظ در محمد سڪندريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.04.16  عيسوي

جامعه راشديه درگاهه پير ڳوٺ جي مهتمم مفتي محمد صالح مهر جي حڪم سان 16 اپريل 1962ع تي مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ جو استاد مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هن مدرسي جي مهتمم طور ديني ۽ علمي خدمتون سرنجام ڏنائين، جتان ڪيترائي عالم، حافظ ۽ قاري تيار ٿي نڪتا.


2001.04.07  عيسوي

مفتي در محمد 12 محرم الحرام 1422 هه مطابق 7 اپريل 2001ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد شاهه
سيد محمد شاهه مست
سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني
صنجل هندي
مولانا محمد حسين جان سرهندي
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ايل وي پرانچبي
سيد محمد مبارڪ جيلاني
اي ٽي شهاڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون